استحڪام پاڪستان پارٽي ڪهڙي نشان سان چونڊ وڙهندي؟ فيصلو ٿي ويو
لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي اليڪشن لاءِ پنهنجي نشان جي چونڊ ڪري ورتي.استحڪام پاڪستان پارٽي طرفان چونڊن لاءِ ميدان ۾ لهڻ جون تياريون جاري آهن، ان ئي سلسلي ۾ پارٽي طرفان چونڊ نشان جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.پارٽي ذريعن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي باز جي نشان تي چونڊ وڙهندي، ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي رجسٽريشن سان گڏ ئي چونڊ نشان لاءِ درخواست ڏيندي.
جُولاءِ 13, 2023