ڪنڌڪوٽ: مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام، وارثن پاران احتجاج جو اعلان

Spread the love

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ڪنڌڪوٽ اغوا ٿيل ايس ايڇ او گل محمد مھر سميت مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام بڻيل مغوين جي بازيابي لاء جماعت اسلامي جي وارثن سان گڏجاڻي بدامني خلاف ۽ مغوين جي واپسي لاءِ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان

خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ لڳ ڪچي ۾ مغوي کي ڊيل ذريعي آزاد ڪرائڻ لاءِ ويل ايس ايڇ او گل محمد مھر، پوليس اھلڪار نبي داد منگي ۽ ساٿي غلام سرور کي ڇھہ ڏينهن گذرڻ جي باوجود ايس ايس پي عرفان سمون جي پريشر ۽ آپريشن جي باوجود  ڌاڙيلن کان بازياب نه ڪرائي سگهي جڏھن ته ضلعي مان اغوا ٿيل معصوم ٻارن عظيم ميڻڪ، فرحان سومرو، صداقت حاجاڻو، جئديپ ڪمار، ڪوثر کوسو سميت مکي جڳديش ڪمار، پورھيت موتي لال، نندلال، احسان شيخ، حيدر کوسو، عورت نازيا سميت ڪيترائي ماڻھن ڏوھارين وٺ قيد ٿيل آهن

 ڏوھاري مغوين سان ھر قسم جو ظلم ڪري انسانيت جي تذليل ڪري رھيا آهن جنهن تي اعليٰ اختياريون خاموش ويٺل ۽ پوليس ناڪام نظر اچي رھي آهي مغوين جي بازيابي جي حوالي سان جماعت اسلامي پاران وارثن سان گڏجاڻي بعد ضلعي ۾ امن جي بحالي، مغوين جي بازيابي لاءِ طاقتور احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

 انھي حوالي سان حافظ نصر اللّٰه چنہ، غلام مصطفيٰ ميراڻي ٻڌايو ته ضلعي ۾ عوام کان ووٽ وٺي اسیمبلين ۾ ويٺل نمائندا امن امان تي خاموش آهن ضلعي ۾ امن تباھہ ٿيل آهي ھر طرف خوف جو ماحول بڻيل آهي عوام ضلعي ۾ غير محفوظ بڻيل آهي جنهن ڪري اسين ھر طبقي جي ماڻھن سان ملي ڪري جلد تحريڪ ھلائي ويندي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو