ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ، پاڪستان مان وڏيون اميدون آهن: مصباح الحق

Spread the love

ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ، پاڪستان مان وڏيون اميدون آهن: مصباح الحقOn جولائی 13, 2023 Shareڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان، چيف سليڪٽر ۽ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٿيندي آهي ته سياست شروع ٿي ويندي آهي.ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته سياست کي راند کان پري رهڻ گهرجي، سدائين ڪرڪيٽ کي سياست سان جوڙيو ويندو آهي، ڪرڪيٽ ۽ سياست کي نه گڏائڻ گهرجي، پاڪ-ڀارت مسئلي جو مستقل حل نڪرڻ گهرجي.سريلنڪا جي دوري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان وٽ سٺو موقعو آهي ته پرفارم ڪري، ماضيءَ ۾ پاڪستان سٺو پرفارم ناهي ڪري سگهيو.سندس چوڻ هو ته سريلنڪا ۾ اسان پهريان سيريز برابر ڪئي، جيڪڏهن اسان جي اسپنرن سٺو پرفارم ڪيو ته اسان کٽي وينداسين.مصباح الحق ڪرڪيٽ بورڊ ۾ تبديلين تي ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين جي تبديلي تي پهريان به چيو هو ته هر هر تبديلي بي يقيني جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي.هن چيو ته تبديلي سان رانديگرن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي، بار بار تبديلي وارو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي ڪوچ چيو ته ڀارت ۾ ڪنڊيشنز سٺي هوندي آهي، ڪرائوڊ جو دٻاءُ اوهان تي ضرور هوندو، وڏي هجوم ۾ پرفارم ڪرڻ سان اوهان جو نالو ٺهندو آهي.هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان مان وڏيون اميدون آهن، گرين شرٽس سٺو پرفارم ڪندي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو