پي ٽي آءِ چيئرمين جو اسرائيل سان ڳٺ جوڙ، ڇرڪائيندڙ دعويٰ سامهون اچي وئي
لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ شخص کي اسرائيل موڪليو، ان جي دور ۾ پهريون وفد اسلام آباد ويو هو.پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پاڪستان کي ڊيفالٽ قرار ڏيڻ جي حوالي سان ايجنڊا هاڻ ناڪام ٿي وئي آهي، فيبروري ۾ اڳوڻي وزيراعظم کلندي کلندي معاهدو ٽوڙيو هو.هن چيو ته اپريل کان ڊسمبر تائين پروپئگنڊا ڪئي وئي ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ وارو آهي، آءِ ايم ايف سخت شرط مڃرايا، انهن کي ٻاهرين طاقتن جي پٺڀرائي حاصل هئي پر آءِ ايم ايف 3 ارب ڊالر کڻي ميدان ۾ آيو، ٻه ارب ڊالر سعودي عرب ڏنا.فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ شخص کي ويزا جاري ڪري اسرائيل موڪليو، ان جي دور ۾ پهريون وفد اسرائيل ويو ۽ سڀني معاملن کي حل ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان اندر اسرائيلي لابي جي هوا تيز ڪئي پئي وڃي، اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان تسليم نه ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي هدايت تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي
جُولاءِ 13, 2023