پنجن نامعلوم ھٿياربندن اسان مٿان حملو ڪيو: نادرا انچارج ٽنڊوڄام

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام نادرا عملي تي حملو ۽ عملي کي مارڪٽ ، ڊيوٽي ٽائم ختم ٿيڻ تي سڪندر سليم راجپوت کي سڀاڻي اچڻ جو چيو ويو تھ سڪندر سليم راجپوت ۽ سندس پنج نامعلوم ساٿين اسان مٿان حملو ڪري ڏنو، ۽ آفيس ۾ ڀڃ ڊاھ بھ ڪئي،

نادرا انچارج نويد احمد بيگ، نادره عملو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٽنڊوڄام ٿاڻي تي پھچي ويو، خبر موجوب ٽنڊوڄام نادره عملي ۽ شھرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو نادره آفيس جي ڊپٽي  ڊاريڪٽر نويد احمد بيگ موقف ڏيندي چيو تہ ٽنڊوڄام جي رھواسي سڪندر سليم راجپوت کي جڏھن نادره آفيس جي ملازم پاران ٽنڊوڄام جي رھواسي سڪندر سليم کي ڊيوٽي ٽائم ختم ٿيڻ تي سڀاڻي اچڻ جو چيو تہ سڪندر سليم بداخلاقي ڪئي

۽ چيو تہ آفيس ٽائم سان ٻڌل ناھيان ۽ ان دوران ھن آفيس ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ منھنجي مٿان حملو پڻ ڪيو جنھن دوران منھنجا ڪپڙا فاٽي پيا آفيس ۾ موجود ماڻھن وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاريو

  ان کانپوءِ نادره عملو ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ پھچي ويو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو