”نواز شريف پاڪستان آيو ته اڊيالا جيل ويندو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر قانوندان لطيف کوسا چيو آهي ته نواز شريف پاڪستان آيو ته اڊيالا جيل ويندو، ايڪٽ سان سندس نااهلي ختم نٿي ٿي سگهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو جمهوريت جي ڳڻتي هئي ته 14 مئي تي چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون؟ سپريم ڪورٽ جي به توهين ڪئي وئي، اڄ تائين چونڊون نه ڪرايون ويون.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو 14 مئي جو فيصلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست محفوظ ڪئي وئي ته ان سان فرق نٿو پئي، ڳالهه سڌي آهي ته حڪومت عدالت جي توهين ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب نااهلي تاحيات آهي، نااهلي مدي لاءِ 62 ون ايف ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، سپريم ڪورٽ جو حتمي فيصلو آهي ته نواز شريف پارٽي صدارت نٿو ڪري سگهي، نواز شريف آيو ته اڊيالا جيل ويندو.
جُولاءِ 13, 2023