سکر : برساتن جي خطري سبب مختلف يوسين ۾ نالن جي صفائي جو عمل تيز

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) مون سون جي برساتن جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ نثار صديقي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين طارق چوهاڻ جي هدايتن تي ٽائون جي مختلف يوسيز ۾ نالن جي صفائي جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي،

جڏهن ته برسات کان اڳ هيوي مشينري ذريعي نثار احمد صديقي ٽائون جي مختلف يو ايس ايز جن ۾ بچل شاهه  مياڻي، آصف ڪالوني، ملڪ ڊسپوزل، ميراڻي ڊسپوزل، سولنگي ڊسپوزل شامل  آهن ڊسپوزل جي صفائي ڪئي وئي

 ۽ ڊسپوزل تي مقرر اسٽاف کي ڊيوٽي تي حاضري کي يقيني بنائڻ جي هدايت، ان سلسلي ۾ نثار صديقي ٽائون جي چيئرمين طارق چوهاڻ جو چوڻ آهي ته برساتن جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسپوزل جي کوهن جي صفائي ڪرائي وئي آهي،

صفائي عملي کي وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون آهن ته صفائي جو عمل به بهتر ڪيو وڃي. ته جيئن علائقي واسين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو