سيوھڻ : محرم الحرام جي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي زير صدارت اجلاس
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شريف ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جناب اقبال حسين جنڊاڻ صاحب جن جي زير صدارت ھڪ ميٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي آفيس ۾ ٿي گذري
جنھن ۾ سيد شھزادہ حيدر شاھ سبزواري صاحب چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ ايس ڊي او واپڊا سيوھڻ سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ سيوھڻ جي آفيسر ڊاڪٽر منظور احمد بروهي اوقاف کاتي جي عملدار محمد قاسم چنه ٽائون ڪاميٽي ڀان جو ٽائون آفيس اصغر ڀنڊ ۽ سيوھڻ تعلقي جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ مختلف مڪاتب فڪر جي ماڻھن جي شرڪت محرم الحرام جي حوالي سان اھم فيصلا ڪيا ويا
جڏھن ت ھن ميٽنگ ۾ اھليسنت جي اڳوڻن ۽ اھليشعت جي اڳواڻن ۽ تعلقي سيوھڻ جي مختلف کاتن جي آفيسر صاحبان شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 13, 2023