سانگهڙ لڳ پوليس جي ڪارروائي، هڪ مڻ ڏھ ڪلو چرس ۽ ڪار برآمد

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو پيرومل پوليس جي ڪارروائي، هڪ مڻ ڏھ ڪلو چرس ۽ ڪلٽس ڪار هٿ، جوابدار گرفتار، ايس ايڇ او پيرونمل حاجي اسحاق سنگراسي پاران خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي کپرو پيرومل روڊ تي ناڪابندي دوران جيڪب آباد واسي دلدار ولد الهڏنو پنهور کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار جي قبضي مان مبينه طور هڪ مڻ ڏھ ڪلو چرس ۽ هڪ ڪلٽس ڪار هٿ ڪئي وئي،

ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پيرونمل حاجي اسحاق سنگراسي جو چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي تي ناڪابندي دوران ڪارروائي ڪئي آهي ڪارروائي دوران هڪ مڻ ڏھ ڪلو چرس ۽ هڪ ڪلٽس ڪار هٿ ڪري ورتي آهي،

 هن چيو ته گرفتار جوابدار هن وقت ٽنڊوآدم ۾ رهائش پزير آهي جنهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو