روهڙي : شيخ برادري جو پنھنجي برادري جي بااثر ماڻھن خلاف احتجاجي مظاھرو
روھڙي (رپورٽ: علي خام چنجڻ)روهڙي ۾ شيخ برادري ماڻھن جو پنھنجي برادري بااثر ماڻھن جي ظلم ۽ ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاھرو انصاف ۽ تحفظ جي گهر تفصيل موجب روھڙي جي علائقي اڇيون قبيون ڀرسان ڳوٺ مصري شيخ جي رھواسين دوست محمد شيخ، قربان علي، غلام علي، مائي ڄامل جي اڳواڻي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙھندي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ اسان جي شادي شده عورت کي بااثر شخص نثار شيخ ۽ ٻيا مبينا اغوا ڪري کڻي ويا
جنهن مٿان روهڙي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي پر سندن خلاف ڪابي ڪاروائي نه ڪئي آھي، برادري جا بااثر ماڻهو اسان کي مبينا ڌمڪيون ڏيندا رھندا ھئا توھان ڪيس تان هٿ کڻو نه کڻڻ جي صورت ۾ اوهان کي سگين نتيجا ڀوڳڻان پوندا، ۽ اڄ صبح جو 5 بجي وڳي نثار شيخ،در محمد، حميد، لکو شيخ ۽ ٻيا گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري گهرن کي باهيون ڏني فرار ٿي ويا،
اطلاع ڏيڻ تي فائر برگيڊ عملو پھچي باھ کي وسائي ورتي، اھڙي قسم جي اطلاع روهڙي ٿاڻي کي به ڏنو سين ته پوليس پھچي 04 جوابدار گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا آهن، متاثرن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب آهيون
عورت به اسان جي اغوا ڪري ويا آهن ۽ گهر به اسان جا ساڙيان ويا آهن، مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏيئي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
جُولاءِ 13, 2023