دادو: يوسي پڪو سيتا ۾ يوسي چيئرمين جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) يوسي پڪو سيتا ۾ يوسي چيئرمين سيد غلام حسن شاه جي صدارت ۾ يوسي جو بجيٽ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ، اجلاس ۾ 2023 / 24 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي اجلاس ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ سميت مختلف مسئلن تي رٿون پيش ڪيون ويون،
جن تي بحث مباحثي کان پوءِ مسئلن جي حل لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن يوسي چيئرمين سيد غلام حسين شاه،وائيس چيئرمين امام علي سولنگي، يوسي سيڪريٽري محمد يوسف سولنگي، ڪائونسلر مير محمد سولنگي ، شھمير سولنگي، عطامحمد ڪولاچي، محمد ايوب سولنگي، طالب حسين سومرو، پٺاڻ خان ڪلھوڙو ۽ٻين چيو ته يوسي ۽ ان جي ڳوٺن جي صفائي سٿرائي ڊرينيج سسٽم گهٽين جي فرش بندي سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي،
يوسي جي رهواسين کي بنيادي حقن سميت صحت ۽ تعليم جي مسئلن تي خاص ڌيان ڏئي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هنن وڌيڪ چيو ته اڄ يوسي جي پهريون بجيٽ اجلاس آھي ، جنهن ۾ متفقہ راءِ فيصلا منظور ڪيا آھن، اسين پنهنجي يوسي جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪنداسين .
جُولاءِ 13, 2023