حڪومت مهانگائي گهٽائڻ بدران عوام کي گهٽائڻ چاهي ٿي: مولانا نور احمد قاسمي

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) پاکستان سني تحريڪ سنڌ صوبي جي صدر مولانا نور احمد قاسمي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب ۽ مظلوم عوام مان جيئڻ جي اميد کسي ورتي آهي امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿي رهيا آهن،

 لڳي ٿو ته حڪومت مهانگائي گهٽائڻ بدران عوام کي گهٽائڻ چاهيٿي حڪمران مهانگائي تي ظابتو آڻڻ بجاء ڪرسي بچائڻ ۾ مصروف آھن پاڪستان سني تحريڪ عوامي جدوجهد کان پوئتي نه هٽندي اهڙن خيالن جو اظهار هن يوسي جيئي شاهه ٽائون ۾ اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو.

 پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي صدر مولانا نور احمد قاسمي وڌيڪ چيو ته حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف اسان عوام سان گڏ آهيون، موجوده حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري. ملڪ اندر عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي

 ته جيئن عوام کي درپيش مسئلن مان نجات ملي سگهي، هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان سني تحريڪ سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ مان اميدوار بيهاريندي ۽ اسان جا اميدوار عوام جي طاقت سان ڪامياب ٿيندا.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو