انساني حقن بابت اسرائيل جو بيان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حق ۾ آهي: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطينين تي ظلم ڪندڙ اسرائيل چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، حقيقت ۾ اسرائيل جو بيان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حق ۾ آهي.اسلام آباد جي علائقي شاهين چوڪ ۾ فلاءِ اوور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ويندي ويندي رياست کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ دشمني تي لهي آيو، ڪنهن چيو هو ته پاڪستان سريلنڪا بڻجي رهيو آهي؟هن چيو ته اڳوڻي حڪومت معيشت جو ٻوڙو ٻوڙي ڇڏيو، اسان جي اجتماعي ڪوششن سان اڄ رياست بچي وئي، هاڻ اسان زرعي، معدنيات ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر کي هٿي ڏينداسين.تحريڪ انصاف چيئرمين تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان اسرائيل جو بيان پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو، فلسطينين تي ظلم ڪندڙ اسرائيل چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، حقيقت ۾ اسرائيل جو بيان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حق ۾ آهي، اسرائيل فلسطين ۾ انساني حقن جون جيڪي ڀڃڪڙيون ڪيون، انهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو