چئن دوست ملڪن طرفان پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو امڪان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو امڪان آهي.قومي اسيمبلي جي سيڙپڪاري بورڊ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس ۾ سيڪريٽري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل جميل احمد قريشي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪائونسل جي سيڪريٽريٽ وزيراعظم آفيس ۾ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪندي.هن چيو ته ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ڪائونسل جو سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارتن سميت ٻين عرب ملڪن سان سيڙپڪاري تي ڌيان آهي.سندس چوڻ هو ته عرب ملڪن طرفان سيڙپڪاري جي حوالي سان گهڻيون تجويزون آيون آهن، سعودي عرب معدنيات ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، قطر ۽ يو اي اي زراعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته چيني ڪمپنيون به ٻج سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿيون.جميل احمد قريشي چيو ته في الحال سڄو ڌيان پرڏيهي سيڙپڪاري تي آهي، مقامي سيڙپڪارن کي پوءِ ڏسنداسين، سڀاڻي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس آهي، اهم منصوبن کي شامل ڪرڻ تي غور ٿيندو، مينڊيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، توانائي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ شامل آهي.
جُولاءِ 12, 2023