مزارن تي آن لائين نذرانن جي وصولي لاءِ ڊجيٽلائزيشن جي شروعات
مزارن تي آن لائين نذرانن جي وصولي لاءِ ڊجيٽلائزيشن جي شروعاتOn جولائی 12, 2023 Shareلاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اوقاف کاتي مزارن تي ڊجيٽلائزيشن جي شروعات ڪري ڇڏي، ”نذرانا آن لائين“ ذريعي ملڪي ۽ غير ملڪي عقيدتمند مزارن تي آن لائين چندو جمع ڪرائي سگھندا.پنجاب جي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري چيو آهي ته ان جديد نظام سان نذرانن جي ڪليڪشن وڌيڪ شفاف ٿيندي، آن لائين ڊونيشن ذريعي اندروني ۽ بيروني ملڪ مان ملندڙ رقم مزارن جي تعمير ۽ ترقي ۽ زائرين جي ڀلائي تي خرچ ٿيندي.پنجاب انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ جي آفيسرن سان گڏ مزارن تي آن لائين نذرانن جي حوالي سان ايوان اوقاف ۾ رٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي سڪريٽري اوقاف چيو ته مزارن جي سيڪيورٽي ۽ وقف پراپرٽيز جي سرويلنس، مانيٽرنگ ۽ نگراني لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي.هن چيو ته مزارون مقدس روحاني آسودگي جو ذريعو ۽ عملي ۽ ديني تحقيق ۽ جستجو جو وسيلو آهن، ان جي عملي ۽ ديني حيثيت کي معتبر رکڻ کاتي جي ذميواري آهي، موجوده حڪومت اسلامي قدرن جي بقا ۽ حياءَ تي يقين رکي ٿي جنهن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.اجلاس ۾ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ طرفان آن لائين ڊونيشن پورٽل تي اوقاف سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني وئي.
جُولاءِ 12, 2023