هيما مالني کان ڊائريڪٽر جي غيراخلاقي فرمائش

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا هيما مالني سان هڪ ڊائريڪٽر غيراخلاقي فرمائش ڪري وڌي.

اهڙو واقعو هيما مالني هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو، سندس چوڻ هو ته فلم ڊائريڪٽر کيس چيو ته ساڙهي ۾ پن نه لڳايان، مون چيو ته پن نه لڳائڻ سان ساڙي هيٺ لهي ويندي جنهن ته چيائين مان به اهو ئي چاهيان ٿو ته ساڙي هيٺ لهي وڃي.

هيما مالني وڌيڪ چيو ته کيس راج ڪپور ستيم شيوم سندرم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، راج ڪپور کي خبر هئي ته مان ان ۾ ڪم نه ڪنديس پر سندس خواهش هئي ته فلم ۾ مان ڪم ڪريان.

منهنجي انڪاربعد اهو ڪردار زينت امان ڪيو ۽ ڪاميابي جي اوچاين کي ڇهي ورتائين.

هن ڌرميندر جي تعريف ڪندي چيو ته سندس ٻه ڌيئرون ايشا ۽ آهانا آهن ۽ هو سندن خيال رکندو آهي.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو