سيوهڻ : سنڌ پريس ڪلب جي صحافين پاران سول سرجن خلاف  احتجاج

Spread the love

سيوهڻ شريف )رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) مرڪز جي سڏ تي سيوهڻ ۾ سنڌ پريس ڪلب دادو جي صحافين کي سول اسپتال دادو جي ڪرپٽ سول سرجن محمد يوسف نول طرفان بليڪ ميل ۽ حراسا ڪرڻ خلاف سنڌ پريس ڪلب جي صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو 

تفصيل موجب سيوهڻ شريف ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ۾ سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ صدر آفتاب احمد شيخ،  نائب صدر اعجاز احمد ٻگهيو ، جنرل سيڪريٽري عبدالسلام سولنگي، آفيس سيڪريٽري عرفان علي سولنگي، ايڊيٽر اڪرم علي عارباڻي، محمد صفر ميمڻ، حبيب الله ڀٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌ پريس ڪلب دادو جي صحافين صدر آفتاب احمد جمالي، سجاد احمد لاکو، عقيل احمد لاکو ۽ ٻين کي سول اسپتال دادو جي ڪرپٽ سول سرجن محمد يوسف نول طرفان بليڪ ميل ۽ حراسا ڪيو پيو وڃي

 ان عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ دادو اسپتال جي ڪرپٽ عملي کي ٻڌائڻ چاهيون اهي اوهان طرفان صحافين کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو، صحافي توهان جي ڪرپشن دنيا آڏو ظاهر ڪن ٿا انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي

آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس  پي دادو کان مطالبو آهي ته دادو جي ڪرپٽ جي اسپتال آفيسرن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ صحافين سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جي سموري سنڌ پريس طرفان احتجاج جو دائرو واڌايو ويندو.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو