گهوٽڪي: مقتول جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) هڪ هفتو اڳ ميرپورماٿيلو ۾  قتل ٿي ويل آصف ڪورائي جي وارثن ۽ ڪورائي برادري جي ماڻهن جو مقتول جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو،

قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇتي نعريبازي، هڪ هفتو اڳ پراڻي تڪرار تان آصف ڪورائي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي قتل جو ڪيس نورمحمد جلباڻي، قطب جلباڻي، عباس جلباڻي سميت 5 جوابدارن مٿان داخل ٿيل آهي،

 پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي باقي ٽي جوابدار اڃان تائين گرفتار ناهن ڪيا، جيڪا وڏي زيادتي آهي، اڳواڻ، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ۾ هڪ هفتو اڳ قتل ٿي ويل آصف ڪورائي جي وارثن ۽ ڪورائي برادري جي ماڻهن جو مقتول جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،

 جڏهن ته ڪورائي برادري ماڻهو ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ٽينٽ هڻي ويهي رهيا آهن، ان موقعي تي اڳواڻن سردار خان ڪورائي، رشيد ڪورائي، عبدالرزاق ڪورائي ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتو اڳ پراڻي تڪرار تان آصف ڪورائي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي،

جنهن جي قتل جو ڪيس نورمحمد جلباڻي، قطب جلباڻي، عباس جلباڻي سميت 5 جوابدارن مٿان داخل ٿيل آهي جڏهن ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ 3 جوابدار اڃا پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي،

 هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين مقتول آصف ڪورائي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو، هوڏانهن ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو امتياز ڊومڪي مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون، ۽ خاطري ڪرڻ بعد کيس احتجاج ختم ڪيو ويو.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو