گهوٽڪي : ايس ٽي پي جي سڏ تي نرلي مائنر ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف احتجاج
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي نرلي مائنر ۾ پاڻي جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف ڊي سي گهوٽڪي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، نرلي مائنر جي پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ناهي ڏنو ويو
جنهن سبب ڪمند ۽ سارين جو فصل سڪي رهيو آهي جيستائين نرلي مائينر جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهتو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، ڊي سي گھوٽڪي ۽ ايڪسيئن ايريگيشن پاران هفتي اندر پاڻي پهچائڻ پهچائڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم،
تفصيل موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي نرلي مائنر ۾ پاڻي جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف ڊي سي گهوٽڪي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ٽي پي وائيس چئيرمين ڄام عبدالفتح سميجو، زاهد مير ڪامريڊ مير شر، ماجد شر ۽ ٻين چيو ته نرلي مائنر جي پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ناهي ڏنو ويو
جنهن سبب ڪمند ۽ سارين جو فصل سڪي رهيو آهي جيستائين نرلي مائينر جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهتو تيستائين احتجاج جاري رهندو جڏهن ته ڊي سي گھوٽڪي ۽ ايڪسيئن ايريگيشن پاران هفتي اندر پاڻي پهچائڻ پهچائڻ جي خاطري بعد هنن احتجاج ختم ڪري.
جُولاءِ 11, 2023