ڪراچي: سنڌسيڪريٽريٽ ملازمن جي حق شهباز پينل پاران ووٽ مھم 

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ الله هڪڙو ) سنڌ سيڪريٽريٽ، گورنر هائوس، سي ايم هائوس جا باشعور ملازم حق شهباز پينل جي حمايت جاري رکي رهيا آهن ۽ حق شهباز پينل جي قيادت جانثار، ورڪر، ووٽر، حامي ۽ ڪارڪنن جي محنت سان سرشار آهي.

جيئي حق شهباز پينل کي ڏسي ملازم خوشيءَ مان لهي ويا،اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي انهن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ جا ملازم حق ۽ سچ جي سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ووٽ ڏين ۽ ان کي ووٽ ڏين جن ننڍن ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪيا، ملازمن جا ڪم ڪيا ۽ هڪ هڪ ڪري. 4 کان 11 هين گريڊ تائين صحت ڪارڊ جي سهولت ڏني، اسان جي پگهار ۾ سئو ڀيرا واڌارو ڪيو، اسان جا سمورا مسئلا ذاتي مسئلا سمجهي حل ڪيا،

 سچ جو ساٿ ڏنو، گذريل ستن سالن دوران انقلابي صدر نذر حسين جلالاڻي تمام گهڻو ڪم ڪيو. ننڍڙا ملازم، ان ڪري حقدار ووٽر، پينل کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شاهين حق شهباز تي مهر لڳايو.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو