ڏوڪري : ڳوٺ بخشل خان ککراڻي واسين پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
ڏوڪري (رپورٽر ) ڳوٺ بخشل خان ککراڻي جي رهواسين رشيد وڳڻ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ بخشل ککراڻي جي رهواسين طالب حسين ککراڻي، منظور ککراڻي، منصور ککراڻي، شاهنواز ککراڻي ۽ ٻين رشيد وڳڻ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام مڙهيندي چيو ته مٺل ککراڻي هٿياربندن ساڻ ڪري سندن جي گهرن مٿان فائرنگ ڪئي ۽ گهرن جي اڳيان پيل بھ کي باھ لڳڻ سبب ٻيو سامان سڙي ويو آهي. هنن چيو ته سندن جي ڳوٺ ڀرسان ديھ شاھنواز ککراڻي ۾ 4 ايڪڙ 8 ويسن تي 30 سالن کان قبضي ۾ آهي جيڪا سينٽر گورنمينٽ جي آهي.
هنن چيو ته مٺل ککراڻي ککراڻي برادري جي چڱي مڙس ميهڙ علي ککراڻي وٽ قرآن پاڪ کڻي فيصلي ڪرائڻ لاءِ ويو هو جنهن تي سندن چڱي مڙس ميهر علي ککراڻي فيصلو ڪندي اڌ خرچ 13 هزار روپيا ادا ڪرڻ لاءِ چيو هو جنهن جي ايگريمينٽ پڻ ڪئي وئي هئي.
هنن چيو ته ڪجھ وقت کان بعد ککراڻي برادري جو چڱو مڙس ميهر علي ککراڻي جي فوت ٿيڻ بعد مٺل ککراڻي فيصلي کي رد ڪندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن بعد مديجي سردار نجم الدين ڪماريو وٽ ٻيهر فيصلو رکرايو جنهن جي فتوا رهيل آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته فتوا اچڻ کان پهرين بااثر مٺل ککراڻي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن جو ڪيس رشيد وڳڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي،
رشيد وڳڻ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 11, 2023