ڏوڪري: سني تحريڪ پاران سوڊان ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف احتجاج

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ پاڪستان سني تحريڪ پاران سوڊين ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پاڪستان سني تحريڪ تعلقي صدر مولانا فيض محمد قاسيمي، مولانا رياض احمد قاسيمي، حافظ حبدار علي، فقير رستم سومرو، حافظ عبدالرسول قاسيمي ۽ برن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پاڪستان سني تحريڪ جي سربراھ محمد ثروت اعجاز قادري جي هدايتن تي احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهيون

 هنن چيو ته سوڊين ملڪ اندر عيد ڏهاڙي تي اسلام دشمن عناصرن سرعام قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙ کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي. هنن چيو ته هي وقت مسلم ملڪن کي متحد ٿيڻ جو آهي ۽ اسلام دشمن خلاف سخت کان سخت احتجاج ڪري بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو