پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي: مير اڪبر چانڊيو
ڪراچي (رپورٽ :ثناءُ ﷲ هڪڙو ) پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مير اڪبر چانڊيو سرجاني ٽائون ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
مير اڪبر چانڊيو وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جي ويزن موجب سنڌ حڪومت 15 سالن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اڄ ڪراچي لاءِ مختلف سياسي پارٽيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي
ته ڪراچي ڪنهن جو آهي،ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جي بيان تي ردعمل ڏيندي مير اڪبر چانڊيو چيو آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم نه هئي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي موجود هئي، ڪراچي جي شهرين کي سياسي ۽ سماجي آزادي ملي آهي، اهو وقت گذري ويو آهي، جڏهن ووٽرن کي چيو ويندو هو ته توهان جو ووٽ ٿي چڪو آهي.
ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪندي. سنڌ ۽ وفاق ۾ مستقبل جي حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي ۽ ملڪ جو نئون وزيراعظم چيئرمين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هوندو، ماضي ۾ ڪنهن به پارٽي اهڙو ڪم نه ڪيو آهي.
مير اڪبر چانڊيو اعلان ڪيو ته هر ڇنڇر جي شام ضلعي اولهه جا سمورا پارٽي ورڪرز. آفيسرن جي اعزاز ۾ هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويندو.
جُولاءِ 11, 2023