پنجاب پوليس جي وردي ۾ تبديلي، عورت اهلڪارن لاءِ اسڪارف لازمي قرار

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ پوليس اهلڪارن جي يونيفارم ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ عورت اهلڪارن لاءِ اسڪارف لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

آءِ جي پنجاب جي حڪم تي پوليس اهلڪارن جي يونيفارم ۾ ترميم جو فيصلو ڪندي سڀني آفيسرن کي ان حوالي سان خط جاري ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي رفعت مختار طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته 10 سال سروس مڪمل ڪندڙ اهلڪار جي يونيفارم تي هڪ بليو پٽي، 20 سال سروس ڪندڙ اهلڪار جي يونيفارم تي ٻه بليو پٽيون، جڏهن ته 30 سال سروس ڪندڙ اهلڪار جي وردي تي ٽي بليو پٽيون لڳايون وينديون.

پنجاب پوليس طرفان جاري خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ليڊي اهلڪارن لاءِ هيڊ اسڪارف يونيفارم جو لازمي حصو آهي.

خط سي سي پي او لاهور، ڪمانڊنٽ پنجاب ڪانسٽيبلري، آر پي اوز، ڊي پي اوز، ايس ايس پي موٽر ٽرانسپورٽ کي به جاري ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو