” ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ اسان کي اسپانسرن جي ضرورت آهي“ نيڌرلينڊز جو ڪوچ جذباتي ٿي ويو
نيڌلينڊز ٽيم جو ڪوچ ننڍي کنڊ ۾ مئچن ۽ اسپانسرز لاءِ درخواست ڪندي جذباتي ٿي ويو.
نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي پر هاڻ ٽيم جي ڪوچ ريان ڪِڪ جذباتي بيان ڏيندي ون ڊي مئچن جي سيريز ۽ اسپانسرز لاءِ درخواست ڪري ڇڏي آهي.
نيڌرلينڊز جي ڪوچ عالمي ڪپ کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ مئچن لاءِ اپيل ڪندي چيو ته عالمي ڪپ کان اڳ نيڌرلينڊز جي ڪا به ون ڊي سيريز شيڊيولڊ نه آهي، تنهنڪري اسان جي دنيا جي سمورن ڪرڪيٽ بورڊز ته جيڪڏهن ڪير اسان کي کيڏڻ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون.
جُولاءِ 11, 2023