ملير لڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ راندين جو هفتو پڃاڻي تي پهتو

Spread the love

ملير ( رپورٽ: قادر درس ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ۾ راندين جو هفتو پڃاڻي تي پهتو لا ڪاليج ۾ گذريل هفتي کان جاري راندين جون سرگرميون پڃاڻي تي پهتيون  جنهن مختلف ايونٽ هلايا ويا

 آخري ڏهاڙي مک تقريب ڪاليج اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻين رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اقصي مهر ايمان سرهندي، عرفان احمد، فراز احمد، طاہر خان, عابد عني، نور حسن ۽ ٻين ۾ پرنسپل لا ڪاليج رياض بلوچ ميڊم شبانه خاتون پروفيسر لياقت ڪلمتي عزيز الرحمان پاران ٽرافيون انعام، شيلڊون، ميڊلز تقسيم ڪيا ويا

ان موقعي تي پرنسپل لا ڪاليج ايڊوڪيٽ رياض بلوچ خطاب ڪندي چيو ته قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن شاگردياڻين جي ذهني صحتمندي لاءِ هر سال جيان هن سال به راندين جو هفتو ملهايو ويو جنهن ۾ ڪرڪيٽ فٽبال لڊو گيم، ميوزڪ، والي بال، هاڪي راند سميت ٻيون رانديون کيڏيون ويون، اسان جي ڪوشش هوندي آهي

 ته تعليم سان گڏ مستقبل جي معمارن کي غير نصابي سرگرمين جي ذريعي تفريحي سهولتون فراهم ڪيون ته جيئن جسماني توڙي نفسياتي طور تي صحتمند رهڻ ، ملير جا شاگرد تعليم سان گڏ راندين جي ميدانن ۾ تمام گهڻو ايڪٽو آهن

 صحتمند رهڻ لاءِ راندين جو هجڻ ضروري آهي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف وقتن تي ليڪچر پروگرامن سان گڏ ثقافتي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي جلد ڪاليج ۾ ڪتابي ميلو پڻ لڳايو ويندو.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو