ملير : سڪڻ ندي ۾ هٿياربندن پاران ڦر، مزاحمت تي ھڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي
ملير (ڊر ) پيرسرهندي ڳوٺ لڳ سڪڻ ندي ۾ هٿياربندن جي کان ڦر، ٻن مختلف واقعن ۾ ڦر تي مزاحمت ڪندي هڪ نوجوان ڦوروئن جي گولين جو بک بڻجي ويو، ٻيو سخت زخمي، ڦورو فائرنگ ڪندا فرار، مارجي ويل نوجوان نديم شيخ جي رزاق آباد ۾ جنازي نماز بعد وارث لاش کڻي قومي شاهراه تي نڪري آيا
هزارين ماڻهن طرفان ڌرڻو قومي شاهراھ بند، سوين گاڏيون بيهجي ويون، پوليس خلاف سخت نعريبازي، ايس ايڇ او شاھ لطيف هٽائي قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، ٻئي پاسي واقعي جو زخمي حبيب الله خاصخيلي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل، سڪڻ ندي موت جي واري بڻجي ويئي آهي
سالن کان منظور پل نٿي ٺاهي وڃي نه ئي پوليس ڪي حفاظتي اپاءُ وٺي سگهي آهي وڏو وزير، آئي جي، ايس ايس پي ملير فوري طور نديم شيخ جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪن خدا ڏنو شاہ، يعقوب خاصخيلي، ڌڻي بخش شيخ ،اقبال جروار ،فيض هيسباڻي، رشيد سڌايو ۽ ٻين جو مطالبو تفصيل موجب؛ پيرسرهندي ڳوٺ لڳ هٿياربندن پورهيت نديم شيخ کان ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ڦورئن گوليون هڻي نديم شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو
مارجي ويل نوجوان نديم شيخ جي رزاق آباد ۾ جنازي نماز بعد وارثن ۽ سماجي اڳواڻ لاش کڻي قومي شاهراھ تي پهتا جتي هزارين ماڻهن طرفان ڌرڻو هڻي قومي شاهراھ کي بند ڪيو ويو جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون ان موقعي تي مظاهرين سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، ڌڻي بخش شيخ، يعقوب خاصخيلي، اقبال جروار، فيض سنڌي، رشيد سڌايو، يوسي چيئرمين رشيد پنهور، وائيس چيئرمين حاجي منظور عارفاڻي ۽ ٻين پوليس خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سڪڻ ندي موت جي واري بڻجي ويئي آهي
سالن کان منظور پل نٿي ٺاهي وڃي نه ئي پوليس ڪي حفاظتي اٺا وٺي سگهي آهي ، مزدوري کان واپسي تي نوجوان نديم شيخ کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي هنن چيو ته پوليس زمينن تي قبضن، غير قانوني ڪمن تان ڀتي جي اوڳاڙي ۾ پوري آهي
علائقي جي امن امان سان سندس ڪو تعلق ڪونهي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني سان علائقي واسي عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن هنن وڏي وزير، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کان فوري طور نديم شيخ جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٻئي پاسي سڪڻ ندي ۾ ڦر واقعي جو ٻيو زخمي حبيب الله خاصخيلي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جو علاج هلندڙ آهي.
جُولاءِ 11, 2023