فردوس عاشق اعواڻ، عثمان بوزدار جو اندر ساڙي ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عثمان بوزدار جي ساٿين آءِ پي پي ۾ شموليت جي خواهش ظاهر ڪئي، عثمان بوزدار کي ڪنهن به صورت ۾ پارٽي ۾ برداشت نه ڪنداسين.

استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ جو سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم بيان سامهون اچي ويو.

هن چيو ته ڪنهن به پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه پيا ڪيون، اسان وٽ ايترا ليڊر آهن جو اڪيلي سر چونڊون وڙهي کٽي سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته عثمان بوزدار جي ساٿين آءِ پي پي ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو، عثمان بوزدار کي ڪنهن به صورت ۾ پارٽي ۾ برداشت نه ڪنداسين.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ وڏا نالا شامل ٿيڻ وارا آهن، هڪ ٻه ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿي ويندو.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو