سکر : فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران اڳوڻي صدرجي ورسي ملھائي وئي
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي والدہ جي وفات ۽ سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي اڳوڻي صدر جاويد ميمڻ جي چوٿين ورسي جي حوالي سان سکر يونين آف جرنلسٽس جو تعزيتي اجلاس يونين جي صدر امداد بوزدار جي صدارت ھيٺ سکر پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اي سي ميمبر جاويد جتوئي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر پريس ڪلب جي نائب صدر سليم سھتو، ايس يو جي جي جنرل سيڪريٽري احقر رضوي، سيفما سکر چيپٽر جي صدر صلاح الدين قريشي، سهرش کوکر، ديدار انڙ، جواد شاھ، فاروق سومرو، مسعود زيدي، يارمحمد سومرو، ارشاد ڍنڍڻ, قاضي ضياء الرحمان، اشفاق کوسو، صلاح الدين سميجو، جاويد گھنيو، اصغر عباسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي والدہ جي وفات، سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي اڳوڻي صدر، سينيئر صحافي جاويد ميمڻ جي چوٿين ورسي تي تعزيت ڪرڻ سان گڏ مرحومن جي روح کي ثواب پھچائڻ لاء قل ۽ دعائون گهريون ويون.
اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايس يوجي ۽ ايس پي سي جي اڳوڻي صدر مرحوم جاويد ميمڻ جو صحافت ۾ اھم ڪردار ھيو. سندس وڇوڙو صحافت جي دنيا ۾ ھڪ وڏو خال آھي جيڪو ڀرجي نه ٿو سگھي.
جاويد ميمڻ ھڪ سٺي صحافي سان گڏ بيباڪ ۽ دلير صحافي ھيو. اڄ سندس وڇوڙو صحافت جي دنيا لاء تمام گھڻو نقصان آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي والده محترمه جو اوچتو وڇوڙي سان تمام وڏو ڏک ٿيو آھي. رب پاڪ مرحومن جي پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
جُولاءِ 11, 2023