سکر : جوابدار جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف شيخ برادري جي عورتن پاران احتجاج
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) قاتلن جي گرفتاري ۽ باگڙجي پوليس خلاف شيخ برادري جي عورتن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ايس ايس پي سکر کان انصاف ۽ تحفظ.جي اپيل ڪئي آھي۔
ان سلسلي سکر جي باگڙجي شهر واسي شيخ برادري جي عورتن مسمات ليلا خاتون شيخ۔ اختيار خاتون. ثمينه شيخ ۽ ٻين عورتن جو چوڻ هو ته عيد جي ٻئي ڏينهن تي ولي محمد شيخ جيڪو پڪوڙا وڪرو ڪري رهيو هو
ته جوابدار عرس شيخ. سندس پٽن زاهد شيخ ۽ نياز شيخ ڏنڊن سان حملو ڪري قتل ڪيو هو قتل واقعي جو ڪيس باگڙجي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن سبب قاتلن کي بااثر شخص اڪبر شيخ. غلام علي ۽ مجاهد شيخ ٻٻرلوء ۾ پناھ ڏيڻ سان گڏ اسان غريبن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهيا آهن
جنهن ڪري اسان جي حياتن کي به جوابدارن مان خطرو آھي۔ احتجاج ڪندڙ عورتن آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر ۔خيرپور کي اپيل ڪئي آھي ته قتل واقعي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔
جُولاءِ 11, 2023