سکر: آبادي جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ھڪ آگاھي واڪ ڪيو ويو
سکر(بيورو رپورٽ) يو ايس ايڊ گلوبل ھيلٿ سپلائي چين جي تعاون سان سکر ۾ آبادي جي عالمي ڏھاڙي 11 جولائي جي حوالي سان ھڪ آگاھي واڪ يو ايس ايڊ جي ڪنسلٽنٽ پروگرام مينيجر ۽ ڊي ايڇ او جي سربراھي ۾ ڊي ايڇ او آفيس سکر کان پاپوليشن ويلفيئر آفيس تائين منعقد ڪئي وئي. آگاھي واڪ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آغا سميع اللھ، جاويد علي ٽالپر، صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ نرسن، پاپوليشن کاتي، نيشنل ۽ انٽرنيشنل اين جي اوز جي ميل فيميل اعليٰ عھديدارن، سول سوسائٽي سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آگاھي ريلي کانپوءِ ڊي ايڇ او آفيس سکر ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ جي پروگرام مينيجر محمد احمد چيو تھ ملڪ اندر معاشي وسائل گهٽ ۽ آبادي وڌيڪ آھي
ان ڪري فيميلي پلاننگ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي جنھن لاءِ خانداني منصوبابندي تي سختي سان عمل درآمد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تھ اسان کي ماء ۽ ٻار جي صحت جو بھ خيال رکڻ گھرجي صحت مند ٻارھي مستقبل جو معمار آھن .ان لاءِ اسان سڀني تي ذميواري آھي ھن ڪم ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪيون ان سان ھي بھتر معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو.
ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تھ عورتن جي تحفظ .برابري ۽ ڇوڪرين جي صحت ۽ حقن جي تحفظ لاءِ اسان کي ھڪ اھڙي دنيا ٺاھڻ جي ضرورت آھي جتي عورتون ۽ ڇوڪريون مردن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي نھ رڳو ترقي ڪري سگھن
پر بھتر ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائن . ھن وڌيڪ چيو تھ آبادي وارو کاتو سنڌ حڪومت ۽ سڀني اسٽيڪ ھولڊرن سان گڏجي عورتن ۽ ڇوڪرين کي خانداني منصوبا بندي جي خدمتن لاءِ ھڪ جھڙا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيو آھي ان لاءِ اسان کي گھرجي تھ بھتر مستقبل جي تعمير لاءِ پنھنجو ڪردار ايمانداري سا ن ادا ڪيون.
سيمينا ر ۾ اسلام آباد مان کان آن لائين يوايس ايڊ جي نمائندي پڻ شرڪت ڪئي.آخر ۾ يو ايس ايڊ جي نمائندن کي سنڌي اجرڪ پارايو ويو.
جُولاءِ 11, 2023