سيوهڻ : سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف اهلسنت پاران احتجاج
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف انجمن نواجوانان اهلسنت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سيوهڻ تفصيل موجب ان موقعي تي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ تي سوئيڊن حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي،
ريلي جي اڳواڻي حاجي منظور احمد سومرو ، مولانا احمد رضا قادري ، ايڊووڪيٽ منير احمد سومرو ، علي اڪبر سولنگي ڪئي ، جنهن ڪري رسول الله صلی الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪئي وئي ،
ڪڏهن ڪڏهن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري ڪافر قوتن هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت اسلام خلاف نفرت پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن پر اسلام قيامت تائين قائم رهندو.
جُولاءِ 11, 2023