دادو : صفائي جي حوالي سان پ پ اڳواڻن جي ميونسپل آفيسر سان ميٽنگ
دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي )دادو شھر جي ھر وارڊ کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق ۽ دادو ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين پيردانش علي ميونسپل آفيسر جاويد راهپوٽو سي ايم او اياز علي پنهور سان ميٽنگ ڪئي وئي ميٽنگ ۾ اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر امداد حسين ڏاوڇ پڻ شرڪت ڪئي،
ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين پير دانش علي ڳالھائيندي چيو ته گوسڙو ملازمن ۽ وائيٽ ڪالر ملازمن سميت آل ميونسپل ايمپلائيز جي بائيوميٽرڪ سسٽم ذريعي حاضري ڪرائي ويندي غير حاضر ملازم تي سخت ايڪشن کنيون ويندو، شھر جي صفائي جي لاءِ ڪنهن سان به ڪو ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو
ڀلي ڪيترو به بااثر هنجي پنهنجي ڊيوٽي سمجھي ڪري ، هن چيو ته نالا گينگ ٽيم ٻاهران گهرائي شھر جي مين نالن، گٽرن سميت سٽي جي نالين جي کاٽي ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، دادو سٽي ۾ انڪروچمينٽ جي حوالي سان سٽي ۾ نوان تعمير ٿيندڙ گهر روڊ کان صرف 2 فٽ مٿي هجن ان کان مٿي ڪندڙ مالڪن ۽ نالين مٿان واشروم يان ٻئي ڪابه انڪروچمينٽ ڪندڙن کي وارنگ ڏيندي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي،
پير دانش وڌيڪ چيو ته دادو سٽي ۾ رولو ڪتن شهرين کي پريشان ڪيو آھي ڪتا مار مهم شروع ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، فوري طور شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي.
جُولاءِ 11, 2023