جاري ڪيل ضابطه اخلاق جو خيال رکيو وڃي: منور  علي مٺياڻي

Spread the love

ڪشمور(رپورٽ: طلعت نظير دايو) سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق جو پورو خيال ڪيو وڃي ۔  ڊپٽي ڪمشنر  ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور  علي مٺياڻي واقع ڪربلا صبر،تحمل ۽ قرباني جو لازوال مثال آهي جنهن جو تاريخ ۾ متبادل ڪوبه مثال نٿو ملي.

ڊي سي ڪشمور۔ مجلسن ،ماتمي جلوسن واري روٽ ۽ امام بارگاهن  تي صفائي ۽ لائٽنگ جو بهترين  نظام کي يقيني بنايو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر جي ميونسپل ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت تفصيل موجب اڄ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور  علي مٺياڻي   جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي

 جنهن ۾  رينجرز ڊي ايس آر ضياء ,ڊي ايس پي  سيد اصغر علي شاه پڻ شرڪت ڪئي،  ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي ۾  مختلف  مڪتب فڪر جي علمائن کان محرم الحرام  جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلا ٻڌا ۽  جلد جائز   مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي   ڊپٽي ڪمشنر  چيو ته محرم الحرام عظيم ۽ برڪتن وارو مهينو آهي

 ۽ واقع ڪربلا صبر،تحمل ۽ قرباني جو لازوال مثال آهي جنهن جو تاريخ ۾ متبادل ڪوبه مثال نٿو ملي،۽ اسين واقع ڪربلا جي پيغام تي عمل پيرا ٿي ڪامياب زندگي گذاريندي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي حاصل ڪري سگهون ٿا ،

ھن وڌيڪ  چيو ته  محرم الحرام ۽ يوم عاشور جي ڏينھن جي حوالي سان سخت سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آھي جنھن تحت پوليس۽ رينجرس  جا جوان سنڌ بلوچستان بارڊر تي موجود علائقن تي گشت ڪندا ۽  سيڪيورٽي جا فل پروف انتظامات ڪيا ويندا ۽ پوليس ۽ رينجرس جي گشت کي پڻ وڌايو ويندو۔ته جيئن  امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائي سگهجي۔

 ضلعو ڪشمور  فرقيواريت کان پاک امن  پسند ماڻھن جو ضلعو آھي پر ان باوجود اسان سڀني کي ھن خاص ڏينھن تي متحرک ء منظم رھڻ گھرجي تہ جيئن ڪابہ ملڪ دشمن قوت پنھنجي ناپاڪ مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿي سگھي

 ھن عزادري ،مجلسن يوم عاشور جي ڏينھن عوامي پيغام ۾ چيو تہ ھرعام و خاص ماڻھو پنھنجي پسگردائي ۾ خاص ڌيان رکي ۽ مشڪوڪ چرپرتي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي اطلاع ڪري.

هن مختلف مڪتب فڪر جي علمائن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي صفن اندر هم اهنگي ۽ ڀائچاري کي يقيني بنائن  ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر  تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز۽ ٽي ايم اوز ،سيپڪو  ۽ لوڪل گورمينٽ عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون

 ته هو منعقد ٿيندڙ مجلسن ،ماتمي جلوسن واري روٽ ۽  هنڌن تي صفائي ۽ لائٽنگ جو بهترين  نظام کي  يقيني بنائڻ  ۽ رات جي وقت ٿيندڙ  مجلسن ۽ جلوسن جي وقت لوڊشيٽنگ نه ڪئي وڃي ۽ صحت کاتي  پاران ميڊيڪل ڪئمپون۔پڻ لڳايون وڃن ۽ ضلعي ۽ تعلقي اندر ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا وڃن 

ان موقعي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاء ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر سيد اصغر علي شاه چيو ته سموري ضلعي اندر سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا , ضلعي سان لڳندڙ باڊر ايريا کي سيل ڪيو ويندو  ۽ عوام کي گذارش ڪئي ته مشقوق شخص جي نشاندهي ڪري پوليس ۽ رينجرز کي فورن اطلاع ڏنو وڃي

 ته جئين وقتئتو   قدم کڻي سگهجي  ان موقعي تي سڀني مڪتب فڪر جي علمائن پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو