آبادي جي عالمي ڏينهن تي خطري جي گھنٽي، پاڪستان جي آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ”11 جولاءِ، اڱاري ڏينهن“ سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جنهن ٿيم ”صنفي اڻبرابري کي اجاڳر ڪرڻ، دنيا جي لامحدود امڪانن کي کولڻ لاءِ عورتن ۽ ڇوڪرين جو آواز بلند ڪرڻ“ آهي.

هڪ سروي موجب هن وقت پاڪستان جي آبادي جو ڪاٿو 240.5 ملين (24 ڪروڙ کان وڌيڪ) آهي ۽ 2050ع تائين اهو ڪاٿو 403 (40 ڪروڙ 30 لک) تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 56 لک ٻار پيدا ٿين ٿا، پاڪستان ۾ زمين سرسبز جي شرع ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

آبادي ۾ واڌ جو وڏو سبب حمل روڪيندڙ دوائن جي کوٽ ۽ عورتن ۾ حمل روڪيندڙ دوائن جو استعمال بند هجڻ آهي. جنهن سبب ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ ان دوران ڪيتريون ئي عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ ٿيندڙ فوتگين جو اهو انگ هر سال تقريبن 12،000 آهي.

جيڪڏهن حمل روڪيندڙ دوائن جو استعمال 34 سيڪڙو کان وڌيڪ 52 سيڪڙو ٿي وڃي ته تقريبن 6500 حياتيون هر سال بچائي سگھجن ٿيون.

مطالعو اهو به ظاهر ڪري ٿو ته هر سال هزار مان 62 کير پياڪ ٻار هڪ سال جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي مري وڃن ٿا.

جيڪڏهن حمل روڪيندڙ دوائن جو استعمال 34 سيڪڙو کان وڌي وڃي ته هر سال 140،000کان وڌيڪ کير پياڪ ٻار بچي سگھن ٿا.

خانداني منصوبابندي جي کوٽ سبب 17.3 سيڪڙو کير پياڪ ٻار غير ارادي طور تي ڄمن ٿا ۽ پاڪستان ۾ سراسري طور تي هڪ جوڙو هڪ غير ارادي ٻار ڄڻي ٿو. جنهن سبب تازن ڄاول ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ به ٿئي ٿي.

جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال ٻه سيڪڙو جي حساب سان واڌ ٿيندي رهي ته 2040ع تائين 101 ملين ملازمتون گھربل هونديون، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ 12.2 سيڪڙو نوجوان بيروزگار آهن.

اهڙيءَ طرح 2040ع تائين وڌيڪ هڪ ڪروڙ 90 لک گھرن جي ضرورت پوندي 85000 وڌيڪ پرائمري اسڪولن جي به ضرورت هوندي.

هن وقت، 5 کان 16 ورهين جي عمر جي هر ٽن مان هڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهي، جن ۾ 27 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ 37 سيڪڙو ڇوڪريون شامل آهن.

ساليانو ٻه سيڪڙو واڌ جي موجوده شرح سان آبادي ۾ واڌ به پاڪستان جي وسيلن تي بار وڌو آهي.

آبادي ۾ تيزي سان واڌ ملڪ کي غربت، تعليم جي کوٽ، بيروزگاري، ٻارن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي موت جي شرح ۾ واڌ، گھريلو تشدد ۾ واڌ ۽ عام طور تي هڪ غير صحتمند ۽ غير هنرمند نسل جي طرف وٺي آئي آهي.

سروي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي 36.9 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ به خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي، جنهن سبب پاڪستان به پاڻي جي کوٽ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي.

2023ع جي آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سروي ٻڌائين ٿيون ته جڏهن عورتن ۽ نارين کي پنهنجي زندگي ۽ جسم بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو آهي ته اُهي خاندان ترقي ڪندا آهن. عورتن ۽ نارين کي سمورين ڪوششن جو مرڪز هجڻ گھرجي.

ملڪ کي خوشحالي جي رستي هلائڻ لاءِ سندن توليدي صحت ۽ حقن، تعليم، هنر جي ترقي ۽ روزگار کي ترجيح ڏيڻي پوندي.

جُولاءِ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو