گهوٽڪي: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو آء بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب اڳيان احتجاج، اسين لڳاتار اٺارنھن مھينن کان پنھنجي حقن لاء احتجاج ڪري رھيا آھيون
ھر ڪنھن جي سامھون پنھنجو جائز مطالبو رکيو آھي ڪنھن به داد فرياد نه ڪئي آھي جيڪا سراسر نا انصافي آھي، اڳواڻ تفصيل موجب آء بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو،
ان موقعي تي شاھنواز گڏاڻي، بشير احمد ڪلوڙ، سخاوت علي قادري، سارنگ سنڌي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اسين لڳاتار اٺارنھن مھينن کان پنھنجي حقن لاء احتجاج ڪري رھيا آھيون ھر ڪنھن جي سامھون پنھنجو جائز مطالبو رکيو آھي
ڪنھن به داد فرياد نه ڪئي آھي جيڪا سراسر نا انصافي آھي سردار شاھ ۽ اڪبر لغاري رڳو پنھنجن علائقن کي ھارڊ ايريا جو نالو ڏيئي من پسند ماڻھن کي 33 کان به گھٽ مارڪن وارن کي آرڊر ڏياريا آھن
جُولاءِ 10, 2023