ڪراچي: جمعيت عملاءِ طاهريا پاران تربيتي ڪنوينشن منعقد

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽ: ثناءُ ﷲ هڪڙو ) جمیعت علماء طاهريا صوبا سنڌ پاران ضلعي اوڀر گڏاپ زون جي ميزباني هيٺ ٽول پلازه مرڪز ذڪريا ڳوٺ ۾ ڪراچي ڊويزنل تربيتي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو

جنهن ۾ جمعيت علماء طاهريا پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن سينئر نائب صدر علامه محمد رفيق طاهري،نائب صدر علامہ منير احمد آلکاڻي، جنرل سيڪريٽري علامہ عرض محمد چانڊيو،مرڪزي پريس ترجمان علامہ ديدار حسين کوهارو، صوبائي صدر سنڌ پروفيسر محمد سعيد لاکير، جنرل سيڪريٽري علامه خالد حسين راڄپر، مولانا عطااللہ مگسي طاهري،علامہ سعيد احمد کوکر طاهري ،علامہ عبدالڪريم آلکاڻي، علامہ محمد ابراهيم طاهري،خليفو امام علي چانڊيو، علامہ محمد حسان لاکو،علامہ غلام عباس پنهور سميت مختلف ضلعن اوڀر، ملير، ڪورنگي ،سينٽرل، سجاول ۽ ٺٽو جي عهديدارن توڙي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جميعت علماء طاهريا ضلعي اوڀر جي صدر علامہ محمد حسان لاکو شرڪت ڪندڙن کي آجياڻو پيش ڪري ڀليڪار ڪئي تربيتي ڪنوينشن کي علامه محمد رفيق موجائي، پروفيسر محمد سعيد لاکير، علامه منير احمد آلکاڻي ،علامہ عرض محمد چانڊيو، علامہ خالد حسين راڄپر تربيتي ليڪچر ڏيندي جمعيت علماء طاهريا جي اغراض مقاصد جي اهميت و افاديت تي روشني وڌي اڳواڻن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته مرشد سڄڻ سائين سماج جي حقيقي اصلاح لاءِ پاڻ پتوڙي پيو

 ان ڪري جمعيت علماء طاهريا جي عالمن ۽ مبلعن ۽ اڳواڻن تي ذمہ عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي قول ۽ عمل سان معاشري ۾ امن محبت، ڀائيچارو قائم ڪري نفرت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻن ڇاڪاڻ ته اسلام ته اسلام سلامتي جو مذهب آهي

جنهن ۾ انتها پسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي دين اسلام هر مذهب جو احترام سيکاري ٿو پر افسوس مغرب جا ملڪ حضور پاڪ ﷺ ۽ قرآن شريف جي شان ۾ گستاخي ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪن ٿا

آخر ۾ علامه ديدار حسين کوهاري ڪنوينشن ۾  قرارداد پيش ڪندي سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري امت مسلمہ مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

جُولاءِ 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو