پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪارروائي نگران سيٽ اپ ڪندو؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بابت چيو پيو وڃي ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ٿيندو جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪيس ٿيا آهن اهو سوال به ٿي رهيو آهي ته ڇا حڪومت ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي؟
هڪ سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن حڪومت جوڳي ڪارروائي ناهي ڪئي ته ڇا نگران سيٽ اپ اچي ڪارروائي ڪندو؟
ان حوالي سان راڻا ثناءُالله کان جڏهن سوال ڪو ويو ته سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪا صورتحال پيدا ڪئي اها قبولڻ جوڳي ناهي.
صحافڻ عاصما شيرازي جي پروگرام ۾ راڻا ثناءُالله کان هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته ڪارروائي اوهان نه ڪريو ۽ نگران سيٽ اپ ڪارروائي ڪري؟
ان تي وفاقي گهرو وزير جو چون هو ته هو سياسي ماڻهو آهن ۽ جمهوري روايتن کي برقرار رکڻ چاهين ٿا، اسان وٽ سمجهيو ويندو آهي ته صبح معاملو ٿيو آهي ته شام تائين نتيجو نڪري پر هر شئي جي ٽيڪنيڪلي جاچ ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن آرمي جي حدن ۾ معاملو ٿئي ته معاملو ملٽري ڪورٽ ۾ ئي هلڻو آهي.
