پاڪستان کي پهريون ڀيرو اولمپڪ هاڪي ڪواليفائنگ رائونڊ جي ميزباني ملي وئي

Spread the love

پاڪستان کي پهريون ڀيرو اولمپڪ هاڪي ڪواليفائنگ رائونڊ جي ميزباني ملي وئي، جيڪو 13 کان 21 جنوري 2024 تائين لاهور ۾ ٿيندو.

انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان کي پهريون ڀيرو اولمپڪ هاڪي ڪواليفائرنگ رائونڊ جي ميزباني ڏني آهي، 8 ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ 13 کان 21 جنوري تائين لاهور ۾ مقابلا ٿيندا.

ٽيمن جو فيصلو ايشين گيمز ۽ ڪونٽينينٽل ڪپ جي پڄاڻي تي ٿيندو، جيڪڏهن پاڪستان ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل کڻي ٿو وڃي ته اهو سڌي ريت پئرس اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو، نه ته پاڪستان جي ٽيم به ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏندي.

مينز جا اولمپڪ ڪواليفائنگ رائونڊ پاڪستان ۽ اسپين ۾ ٿيندا، جڏهن ته وومينز هاڪي جا ڪواليفائنگ رائونڊ چين ۽ اسپين ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته وومينز هاڪي جا ڪواليفائنگ رائونڊ چين ۽ اسپين ۾ کيڏيا ويندا.

جُولاءِ 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو