ملير: سنڌي مزدور تحريڪ جي وفد پاران اعلانيل ريلي ۾ شرڪت لاءِ دعوتون

Spread the love

ملير (ڊر) ملير ۾ مزدورن جي مسئلن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ سنڌي مزدور تحريڪ جي وفد زبير نوناري ، ستار گوپانگ ، امر مگسي، اقبال جروار ۽ ٻين صنعتي علائقن ، ڳوٺن جا دورا ڪري مزدورن ۽ مقامي نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون

 ۽ کين 13 جولائي خميس ڏينهن نڪرندڙ ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ان موقعي تي مزدورن ۽ بي روزگار نوجوانن ريلي ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو ، دوري دوران مزدور اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مطالبو آئيني ۽ قانوني آهي

 جنهن لاءِ اسان پرامن جدوجهد جو سڏ ڏنو آهي سنڌ حڪومت پورهيت کاتي ۽ صنعتن جي مالڪن کي گهرجي ته هو جتان جي صنعت اتان جي مزدور جي قانوني پاليسي تي عمل ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو هدايتون ڪن جنهن سان معاشري ۾ بي راه روي ۽ افرا تفري جي خاتمو ٿيندو، بي روزگاري گهٽ ٿيندي،

 امن و امان ۽ خوشحالي جو دور شروع ٿيندو پر جيڪڏهن بدقستي سان صنعتڪارن حڪومت ۽ پورهيت کاتي سميت آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏنو ته ملير ۾ بي راه روي ۽ لا قانونيت جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويندو ۽ سنڌي مزدور تحريڪ کي مجبور ٿي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻي پوندي.

جُولاءِ 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو