فضل الرحمان جي حڪومت سان ناراضگي جو سبب سامهون اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اسيمبلين جو مدو وڌائڻ جي حمايت ۽ آصف زرداري اسيمبلين جو مدو وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
چونڊن جي معاملي تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حڪومت سان ناراضگي جو سبب سامهون اچي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان سيمبلين جو مدو وڌائڻ جون خواهشمند آهي، جڏهن ته آصف زرداري اسيمبلين جو مدو وڌائڻ جي مخالفت ڪئي.
ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان هڪ سال مدو وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ پي ڊي ايم سربراهه کي سخت موقف سبب دبئي ملاقات جو حصو نه بڻايو ويو.
واضح رهي ته فضل الرحمان دبئي ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ملاقات تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.
