سکر : محمد ابراهيم سارنگ جي پنجين ورسي تقريب منعقد
سکر (بيورورپورٽ) عوامي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار محمد ابراهيم سارنگ جي پنجين ورسي جو پروگرام عوامي علمي ادبي فورم طرفان سکر پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو.
جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار عوامي شاعر ادل سومري، قومي عوامي ۽ مزاحمتي شاعر زاهد شيخ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر ذوالفقار ميراڻي، ابراهيم سارنگ جي فرزندن ڊاڪٽر اياز ابراھيم ۽ مونس ابراهيم، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريحانا بلوچ، سيما ڪلوڙ، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري مجيد نواز مغل، سکر جي سينئر صحافي خالد ٻانڀڻ، سرويچ سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته محمد ابراهيم سارنگ هڪ ڀلوڙ تعليم دوست، عوام دوست اڳواڻ هو. هو اڻ وسرندڙ شخصيت آهي. هن جي جدوجهد کي اسين سرخ سلام ٿا پيش ڪريون.
هو ساه جي آخري گهڙين تائين عوامي تحريڪ جي هر جدوجهد ۾ ساٿ نڀائيندو رهيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان تباه ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي. ماڻهن جو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي.
ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته 1973ع جي آئين تحت ٺهيل ادارو سي سي آء غيرفعال بڻيل آهي، جڏهن ته زمينون، قومي ملڪيتون ۽ وسيلا نيلام ڪرڻ لاء آء ايم ايف جي فرمائش تي ٺهيل قومي اقتصادي سهولتڪاري ڪائونسل (نيشنل اڪانامڪ فيسليٽيشن ڪائونسل) کي جاه و جلال سان فعال بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته هن ڪائونسل زرعي انقلاب جي نالي تي ننڍين قومن خصوصن سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪائونسل طرفان وڏي انگ ۾ ڊيم ٺاهي سنڌ جون آباد زمينون بنجر بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏيندڙ پيپلزپارٽي سنڌي عوام کان ٽئين شيون ڦري ڇڏيون آهن، پيپلز پارٽي جي اقتداري دور ۾ هڪ به هاري ۽ پورهيت کي هڪ ايڪڙ زمين به ناهي ملي،
باقي پيپلزپارٽي وارن پنهنجي اقتدار کي تقويت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ڪمانڊر سٽي سميت مختلف رهائشي ڪالونين کي غيرقانوني طور ڏئي ڇڏي آهي، گهڻ قومي ڪارپوريشنس کي به سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيون پيون وڃن.
جُولاءِ 10, 2023