راڻيپور:   سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

راڻيپور ( رپورٽ:  سعيداحمدسھتو  )  راڻيپور  ۾ جماعت علماء جي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف راڻيپور ۾ جماعت علماء جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 راڻيپور ۾ جماعت علماء جي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف راڻيپور ۾ جماعت علماء جي ڪارڪنن پاران کيربازارکان احتجاجي ريلي ڪڍي  مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جماعت علماء  جي صوبا سنڌ جي اگاواڻن نورمحمد ميمڻ مفتي اسدلااسھتو عيد محمد ـمولانا عبدلواھاب بروھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافر قوتن هميشه مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي،

ڪڏهن حضور ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪري، ته ڪڏهن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري، ڪافر قوتون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت اسلام خلاف نفرت پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن.

پر اسلام قيامت تائين قائم رهندو، جماعت اسلامي اسلام دشمن قوتن خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اڄ به سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا

 ته حڪومت پاڪستان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي  ڀرپور جواب ڏئي ۽ اقوام متحده آڏو اھڙن حرڪتن جو نوٽيس وٺي

جُولاءِ 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو