ڪشمور: عوام جا محافظ پاڻ غير محفوظ، پوليس اهلڪار اغوا
ڪشمور ( رپورٽ طلعت نظير دايو) ڪشمور ۾ عوام جا محافظ پاڻ غير محفوظ بڻيل ايس ايڇ او گل محمد مهر ۽ پوليس اهلڪار نبي داد منگي ڌاڙيلن هٿان اغواء ٿي ويا ڏوهارين پاران ايس ايڇ او جي وارثن کان 1 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي
ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر کي ڌاڙيلن يرغمال بڻائي ورتو ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر
ھڪ ڳجھي اطلاع اغوا ٿيل نينگر فرحان سومرو جي بازيابي لاء ڪچي ۾ پهتو ته کيس ھڪ علائقي واسي شخص ۽ اھلڪار نبي داد منگي سميت ڌاڙيلن کيس يرغمال بڻائي ورتو
گل محمد مهر پنھنجي موبائيل نمبر تان ڀاء کي ڪال ڪري ڌاڙيلن وٽ يرغمال ھجڻ جو اطلاع ڏنو ياد رهي ته ڪجھ ٽائم اڳ ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر ڪشمور جي گيھل پور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين ھٿان زخمي پڻ ٿيو هو
جنھن بعد سندن ڊيوٽي ڪشمور ۾ لڳائي وئي هئي ھوڏھن ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون واقعي جو ٻڌي ٻيلي تيغاڻي واري ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن پڻ شروع ڪري ڏنو ايس ايس پي عرفان علي سمون چيو ته ايس ايڇ او سميت جيڪي به مغوي ڏوهارين جي قيد ۾ آهن سڀني کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.
جُولاءِ 9, 2023