ٽنڊوڄام: اوجي ڊي سي ايل جي ملازمن پاران مستقل ڪرڻ لاءِ احتجاج
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) اوجي ڊي سي ايل ۾ ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن جو کين پڪو ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪچن ملازمن ڪنر آئل فيلڊ اڳيان ڌرڻو ھڻي، تيل جي رسد بند ڪري ڇڏي
خبر موجوب
ڪنر فيلڊ ۾ مقامي ملازمن کي پڪو نہ ڪرڻ تي ملازمن جو احتجاج ملازمين دانھيندي چيو تہ
ٿرڊ پارٽي جي نالي سان ٺيڪيداري نظام ۾ سالن کان ڪم ڪريون پيا، ٻين صوبن کان ماڻھو آڻي انھن کي مقامي پوسٽن تي مقرر ڪيو پيو وڃي سالن کان محنت پيا ڪريون، گيسن جي ڪري اسان جي صحت بھ خطري ھيٺ آھي،
ڪابھ سھولت ناھي پوري ملڪ جي آئل ۽ گيس فيلڊن ۾ ملازمن لاءِ ھڪ جھڙي پاليسي جوڙي وڃي
ٻين علائقن ۾ ملازمن کي 5 سيڪڙو بونس ملي پيو، اسان لاءِ ڪجھھ بھ ناھي سنڌ ۾ ملازمن کي ڪابہ اھميت ناھي، اوجي ڊي سي ايل ۽ حڪومت ماٽيجي ماءَ وارو سلوڪ پئي ڪري، ٿرڊ پارٽي جي ملازمن کي او جي ڊي سي ايم ۾ ضم ڪيو وڃي
احتجاج جي اڳواڻي معشوق علي ڪليري، اعجاز علي خاصخيلي، گل شير ڏاھري، غلام رضا ڪليري، معشوق علي لاشاري، غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ غلام مرتضيٰ ناھيون ڪري رھيا آھن.
جُولاءِ 9, 2023