مورو : آندل ملاح جي رھواسي عورتن پاران احتجاجي مظاهرو
مورو (رپورٽ ڪاشف علي لغاري) مورو ڀرسان ڳوٺ آندل ملاح جي رھواسي عورتن مسمات نصرت ملاح زبيرہ ملاح غلام الله ملاح قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آھي
تھ ٽي ايم او آفتاب ملاح مير محمد ملاح اسان جي زرعي زمين تي ناجائز ور تي قبضو ڪري اسان مٿان ڪوڙا الزام مڙھي پوليس ھٿان ڪاروائي ڪري رھيو آھي اسان ڪيترائي دفعا احتجاجي مظاهرو ڪيو آھي مگر اسان جي ڪوبه ماڻھو داد رسي ڪرڻ وارو نه آھي
اڄ صبح ٽي ايم او آفتاب ملاح درس پوليس ۽ مٽو کوسو پوليس ساڻ ڪري اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري منھنجي ڀاء غلام قادر کي زوري کنڀي کڻي وڃي گم ڪيو ويو آھي جڏھن ته ان مٿان ڪابه اين سي ايف آئي آر داخل نه آھي
اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي حد جي پوليس ھن بااثر ماڻھو جي ساٿاري بڻيل آھي جڏھن ته زرعي زمين جو ڪيس عدالت سڳوري ۾ ھلڻ باوجود اسان مٿان ناجائزيون ڪيو پيو وڃن خدشو آھي ته اسان کي ماري خون ڪيو ويندو ۽ اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪري ڦٻائي ويندي
ھنن آئي جي سنڌ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار ملاح برادري جي اڳواڻن توڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته قرآن جي مھابي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
جُولاءِ 9, 2023