ملير: الحاج علي محمد جو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

Spread the love

ملير (ڊر)  سنڌ جو روحاني بزرگ ، جامعه اسلاميه نعيمه جو باني الحاج علي محمد جو48  عرس مبارڪ هاشم خاصخيلي ڳوٺ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو،

سنڌ ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ حافظ قراڻ ،عالم جو ڪورس مڪمل ڪرڻ تي دستار بندي ڪئي ويئي،ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ،ايم پي اي محمد يوسف ،گڏاپ ٽائون جو وائيس چيئرمين ڄام محمد سميت عالمن  جنهن ۾ عالمن ،وڏي تعداد ۾ شآگردن ۽ عقيدت مندن شرڪت ڪئي،

صد سال مڪمل ٿيڻ تي جامعه جي مولوي اميد علي نعيمي کي ملير جي تمام برادرين پاران اعزازي شليڊ ڏني ويئي  تفصيل موجب     سنڌ جو روحاني بزرگ ، جامعه اسلاميه نعيمه جو 1923 ۾ بنياد رکندڙ الحاج علي محمد جو48  عرس مبارڪ هاشم خاصخيلي ڳوٺ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويوجنهن ۾  سنڌ ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ حافظ قراڻ ،عالم جو ڪورس مڪمل ڪرڻ تي  دستار بندي ڪئي ويئي

  تقريب  ۾ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ،ايم پي اي محمد يوسف ،گڏاپ ٽائون جو وائيس چيئرمين ڄام محمد ،مجاهد جوکيو،يعقوب خاصخيلي ، پ ٽ الف ملير جو صدر رفيق خاصخيلي  سميت عالمن ، شآگردن ۽ عقيدت مندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

 جامعه اسلاميه نعيمه صد سال مڪمل ٿيڻ تي جامعه جي مولوي اميد علي نعيمي کي ملير جي تمام برادرين پاران اعزازي شليڊ ڏني ويئي

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو