سکر : آڪڙا پرچي جو ڪاروبار عروج تي، شھري پريشان

Spread the love

سکر (رپورٽر) سکر شهر ۾ آڪڙا پرچي جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ کلي عام پرچي جوا جي بڪينگ جو سلسلو هلڻ لڳو، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل، ايس ايس پي سکر کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تفصيل موجب ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي هدايتن باوجود سکر شهر اندر سماجي برائين تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز ڍڪ روڊ، بشيرآباد ڪالوني، پراڻو سکر، سبزي مارڪيٽ، بيراج ڪالوني، نيو پنڊ، نصرت ڪالوني، افغان سينٽر، کجور مارڪيٽ سميت ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي آڪڙا پرچي جوا کلي عام جاري آهي

جڏهن ته ڄاڻايل حدن جي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ايس ايس پي سکر جي حڪمن کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو آهي ۽ سماجي برائين ۾ ملوث عنصرن کي معمولي ڀڳڙن عيوض ڪڌو ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن ڪري اسان جو نوجوان نسل تباهي جي ڪناري طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي گهرن جا چولها ان ڪڌي ڪاروبار سبب وسامي چڪا آهن

 جڏهن باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪڙا پرچي جوا جي قرعه اندازي (ڊرا) مهيني ٻه ڀيرا ٿيندي آهي جنهن سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجي گڏ ڪيل رقم کي ٻيڻو ڪرڻ يا وڏي انعام جي لالچ ۾ وڃائي ويهن ٿا ۽ آخر ڪار آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا،

ان حوالي سان سکر جي شهرين، سماجي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر کي سماجي برائين کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي نوجوان نسل اڳتي وڌي سگهي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي

 ۽ اسان اهو به مطالبو ڪنداسي ته جن پوليس ٿاڻن، چوڪين جي حد ۾ سماجي برائيون جاري آهن انهن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف به قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي

 ته جيئن پوليس موجود ڪجهه ڪاري رڍن جي ڪري فرض شناس ۽ ايماندار اهلڪارن سميت پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي ڪو به شخص آڱر نه کڻي سگهي.

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو