سيوھڻ : سيد شھزاد حيدر شاه مين نالي جو معائنو ڪيو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاه جو ڀٽا محله سيوهڻ جو دورو، ڀٽا محله سيوھڻ ۾ گندي پاڻي جي مين نالي جو معائنو ڪيو، جڏھن تھ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاھ سان گڏ ميونسپل انجنيئر پڻ گڏ ھئو،
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ موقعي تي انجنيئر کي نالي جي بابت ڪجھ هدايتون جاري ڪيون ۽ ڀٽا محله سيوھڻ جي رھواسين کي چيو ت مان عوام جو چونڊيل نمائندو آھيان، مان ھن منصب تي ان جي ڪري آيو آھيان ت مان سيوھڻ شھر جي رھواسين جي خدمت ڪريان، سيوھڻ شھر جي رھواسين کي بنيادي سهولتون فراھم ڪريان، منھنجي آفيس جا دروازا سيوھڻ جي عوام لاء کليل آھن،
ڪنھن ب سيوھڻ جي شھري کي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي عملي خلاف ڪاب شڪايت ھجي يا وري صفائي، پاڻي بابت ڪاب شڪايت ھجي ت اھي فورن مون سان شڪايت ڪن، انشاءالله شھرين جي ڪيل شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو،
سيد شھزاد حيدر شاھ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ ڀٽا محله جو دورو ڪرڻ تي ڀٽا محله سيوھڻ جي رھواسين ۾ خوشيء جي لھر ڇائنجي ويئي آھي، ڀٽا محله سيوھڻ جي دورو ڪرڻ کانپوءِ سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي چيئرمين ڀٽا محله جي سينئر پاڪستان پيپلزپارٽي جي ورڪر محمد ملوڪ ڀٽو، نويد احمد ڀٽو جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت پڻ ڪئي.
جُولاءِ 9, 2023