سوئيڊن وٽ سفارتي احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي: رئيس وليداد خان لنڊ

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽ: ذولفقار علي انصاري) سوئيڊن ۾ اللّٰه جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي بيحرمتي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا : اڳواڻ اسلام ھر دور ۾ بلند بالا رھيو آھي ۽ قيامت تائين بلند رھندو ۽ سموريون سازشون ناڪام ٿيندیون: محمد شاھد سڪندري

سوئيڊن سان سفارتي ناتا ختم ڪري سرڪاري سطع تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي: رئيس وليداد خان لنڊ ھر دور ۾ اسلام دشمن عناصرن ۽ قوتن پاران دين حق اسلام تي وار ڪيا آھن: فقير اياز قاسمي ملڪ اندر حضور پاڪ ص جن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن کي قانون جو پٽو وڌو وڃي: ف ليگ اڳواڻ رئيس وليداد خان لنڊ   تفصيل موجب سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ وليداد خان لنڊ جماعت اھلسنت بريلوي پاران  سوئيڊن ۾ قران پاڪ جي بيحرمتي واري واقعي خلاف سڄي ملڪ جيان ڳوٺ وليداد خان لنڊ ۾ به جماعت اھلسنت پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو  ريلي ۾ جمائت اھلسنت جي اڳواڻن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو جيڪو  مسجد و مدرسا غوثيه وليداد خان لنڊ جي پيش امام استاد  محمد شاھد تونيو سڪندري ۽ ف ليگ اڳواڻ رئيس وليداد خان لنڊ جن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

 واپس مسجد و مدرسه ڳوٺ وليداد لنڊ جي گيٽ وٽ اختتام پذير ٿي سوئيڊن خلاف سخت ناريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سوئيڊن حڪومت خلاف سخت ناريبازي ڪندي چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آھي اھڙي عمل جو ھر مسلمان سختي سان مذمت ڪري ٿو

 ھنن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سوئيڊن حڪومت سان سفارتي رابطا ختم ڪيا وڃڻ ۽ بي حرمتي وارو مسئلو بينل اقوامي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي ۽ عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو وڃي ھنن يونائٽيڊ نيشن ۽ يو اين او کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جو نوٽس ورتو وڃي جئين مسلمانن مان بي چيني ختم ٿي سگھي

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو